علي آڪاش

علي آڪاش

علي آڪاش

علي آڪاش: نئين ٽهيءَ جي نامور شاعر، ليکڪ ۽ نقاد، علي آڪاش جو اصل نالو معشوق علي گوپانگ آهي، جڏهن ته سندس ڇٺيءَ جو نالو صاحب خان رکيو ويو هو. سندس جنم 15 اپريل 1975ع تي قنبر شهر جي گوپانگ محلي ۾، مشهور رازي جان محمد گوپانگ جي گهر ۾ ٿيو. شروعاتي تعليم پرائمري اسڪول قنبر مان 1985ع ۾، مئٽرڪ هاءِ اسڪول قنبر مان 1990ع ۾، انٽر شاهه لطيف ڪاليج قنبر مان 1992ع ۾، گريجوئيشن 96-1995ع ۾ خيرپور يونيورسٽيءَ مان، ايم. اي (سوشيالاجي) 2007ع ۾ خيرپور يونيورسٽيءَ مان ۽ ايم. اي (اردو ادب) 1998ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري مان ڪيائين. پاڻ ننڍپڻ کان ئي ذهين هو ۽ کيس پڙهڻ سان دلچسپي رهي آهي. شاگرديءَ دوران شاعري ڪرڻ لڳو. کيس ڪرڪيٽ سان به چڱو چاهه رهيو آهي. هاءِ اسڪول ۾ پڙهڻ دوران ‘هلال پاڪستاناخبار ۾ ٻارڙن جي شاعر جي حيثيت سان سندس انٽرويو ۽ تعارف شايع ٿيو. جنهن سبب کيس گهڻو اتساهه مليو. پاڻ 1988ع کان شاعري ڪندو پيو اچي. عالمي ادب جو گهرو مطالعو ڪيو اٿس. خاص ڪري روسي ادب گهڻو پڙهيو آهي. جنهن منجهس طبقاتي شعور جاڳائڻ، پيڙهيل ۽ مظلوم طبقن لاءِ همدردي پيدا ڪرڻ ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪيو. انگريزي ادب پڙهڻ سان گڏ ڪيترن ئي ٻاهرين شاعرن جي شاعري ترجمو ڪري پڻ ڇپائي اٿس. ان کانسواءِ چين، جاپان ۽ هندستان جي شاعرن جي شاعريءَ جو پڻ چڱو مطالعو اٿس. اديبن مان ميلان ڪنڊيرا، گارشيا مارڪيز ۽ پائلو ڪوئلهو جا ڪيترائي ڪتاب سندس مطالعي مان گذريا آهن، جن سندن ادبي سوچ کي سنوارڻ ۽ سڌارڻ ۾ موثر ڪردار ادا ڪيو. اردو شاعريءَ مان خاص طرح ڪلاسيڪي اردو شاعرن کي تمام گهڻو پڙهيو آهي. علي آڪاش شاعريءَ سان گڏ مختلف موضوعن تي ڪالم پڻ لکندو رهي ٿو، جيڪي مختلف سنڌي اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجندا رهيا آهن.علي آڪاش، سنڌ ۾ جديد ادبي ميلن جي تصور جي بانيڪارن مان آهي ۽ شيخ اياز ميلا ڪميٽيءَ جو ميمبر ۽ حيدرآباد لٽريچر فيسٽيول ۽ پهرئين سنڌ لٽريچر فيسٽيول ڪراچيءَ جو باني ڪوآرڊينيٽر رهيو آهي.علي آڪاش صحافت سان پڻ لاڳاپيل رهيو آهي. 1999ع ۾ عبرت اخبار ۾ سب ايڊيٽر رهيو. جنهن کانپوءِ عبرت ميگزين ۾ جوائنٽ ايڊيٽر جي حيثيت سان خدمتون سرانجام ڏنائين. سنڌي ادبي سنگت شاخ قنبر جو ميمبر هجڻ سان گڏ مختلف ادبي ادارن سان سلهاڙيل آهي. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ ‘ڪاڪ ڪناري شام’ (شاعري: 1998ع)، ‘هينئرو اوٺي وڳ جيئن’ (شاعري: 2017ع) ۽ ‘شاعريءَ جي بچاءَ ۾’ (مضمون: 2017ع)، ‘گلابي اڳتي ويندڙ راهه’ (عالمي شاعريءَ مان ترجما: 2018ع) ۽ ‘درويش جي تنھائي’ (شاعري: 2023ع) شامل آهن.


لفظ علي آڪاشھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1975.04.15  عيسوي

نئين ٽهيءَ جي نامور شاعر، ليکڪ ۽ نقاد، علي آڪاش جو اصل نالو معشوق علي گوپانگ آهي، جڏهن ته سندس ڇٺيءَ جو نالو صاحب خان رکيو ويو هو. سندس جنم 15 اپريل 1975ع تي قنبر شهر جي گوپانگ محلي ۾، مشهور رازي جان محمد گوپانگ جي گهر ۾ ٿيو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جبار آزاد منگي
رند حضور بخش حقير
رشيد احمد لاشاري
احمد سليم
رضوي سيد علي مدد شاهه
سليم هالائي
افتخار عارف
بيبي حوا ٻائي
امداد سروري
سانوڻ سنڌي
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون